محمد پريل سومرو

محمد پريل سومرو : مشهور پاڳي/ پَيري محمد پريل ولد سائينداد سومرو، پهرين ڊسمبر 1916ع تي، ڳوٺ دادلوءِ تعلقي پني عاقل ۾ پيدا ٿيو. جوانيءَ ۾ ٻيلهاڙيءَ جو بهترين رانديگر ۽ رازو هو. پير سڃاڻڻ جي قدرتي ڏات مليل هئس. هڪ ڀيرو جنهن ماڻهو جو پير ڏسندو هو، اهو ماڻهو ڏهن سالن کان پوءِ به ڪٿان گذرندو هو ته سندس پير ڏسي سڃاڻي وٺندو هو، جنهن جو پير ڪڏهن به نه ڏنل هوندس، ان جو پير ڏسي ٻڌائيندو هو ته فلاڻي نسل جو ماڻهو آهي. پير سڃاڻڻ سبب راڄن جا چڱا مڙس توڙي تر جي پوليس سندس ڪافي عزت ڪندي هئي. سندس پير سڃاڻڻ جي ڊپ کان ڪيترا چور سندس علائقي ۾ چوري نه ڪندا هئا. هن جي پير سڃاڻڻ واري قابليت سبب علائقي ۾ چوريون به نه ٿينديون هيون، پري وارن علائقن ۾ ڪا چوري ٿيندي هئي ته ماڻهو کيس وٺي وڃي پير ڏيکاريندا هئا. چورن کي جڏهن اهڙي خبر پوندي هئي ته پريل سومرو پير ڏسڻ ٿو اچي ته ڀاڳين سان ٽياڪڙي ذريعي چوري واپس ڪري ڇڏيندا هئا يا پريل سان ملي نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چوري واپس ڪري ويندا هئا. پاڳي پريل سومري، 20 نومبر 2001ع تي وفات ڪئي، کيس چيچڙي ۾ پير بائِد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ محمد پريل سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.12.01  عيسوي

مشهور پاڳي/ پَيري محمد پريل ولد سائينداد سومرو، پهرين ڊسمبر 1916ع تي، ڳوٺ دادلوءِ تعلقي پني عاقل ۾ پيدا ٿيو.


2001.11.20  عيسوي

پاڳي پريل سومري، 20 نومبر 2001ع تي وفات ڪئي، کيس چيچڙي ۾ پير بائِد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ عبدالرحيم
رضوي سيد قاسم علي شاهه
شاهه محمد نابينا
ابن ابي اصيبه
سچل شيخ
دودو خان
خواجه خورشيد انور
سيٺ ڌريانو مل
خليفو غلام قادر
جان محمد جانڻ منگي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون